اشفاق لغاري جي ڪتاب ”نفرت ڪي دريافت“ جو جائزو

تحرير: عبدالستار لغاري

موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو انگ ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي مطابق ملڪ ۾ 14 ڪروڙ 30 لک ماڻھو انٽرنيٽ جو استعمال ڪري رھيا آھن. اھا ھڪ خوش آئند ڳالهه آھي پر الميو اهو آهي ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن مان گھڻي ڀاڱي منفي ۽ ناڪاره سوچ جا ماڻهو ٻين کي تنگ ڪري لطف اندوز ٿي رھيا آھن ۽ انھن ھٿان ھر سال لکين ماڻهو ھراسان ٿي رھيا آھن ۽ اھي ڪيترن ئي نوجوانن کي پنهنجي ناجائز مقصدن خاطر استعمال به ڪري رھيا آھن، نتيجي ۾ اسان جي سماج ۾ تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن، مذھبي، سياسي ۽ سماجي آزادي ختم ٿيندي پئي وڃي ۽ سماج تعمير بدران تخريب جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. اسان جي چوڌاري اھڙا ڪيترائي واقعا ٿي رھيا آھن، جنھن ۾ انٽرنيٽ ذريعي هراسان ڪيو ويندو آهي، بدقسمتي سان اھي واقعا رپورٽ نٿا ٿين ۽ منظر عام تي به نٿا اچن. ٽنڊو الهيار جي زرخيز مٽي مان جنم وٺندڙ اشفاق لغاري به ھڪ اھڙي ئي ڪھاڻي اسان جي سامھون آندي آهي.

اشفاق لغاري جو تازو ڇپيل ڪتاب نفرت ڪي دريافت (سائيبر ڪرائيم مقدمي جي ڪھاڻي) سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. صحافي وسعت الله خان ھن ڪتاب تي پنھنجي راءِ ۾ لکيو آهي ته، ھي ڏوهه سزا ۽ بري جي ڪھاڻي آھي، ڪھاڻي مڪمل پڙھڻ کانپوءِ احساس ٿئي ٿو ته ھي ته ھڪ آئيني جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ اسان جو سماج مڪمل طور تي اگھاڙو نظر اچي رهيو آهي. نديم سعيد به ھن ڪتاب متعلق پنھنجي راءِ ڏني آھي، ھو لکي ٿو ته، اشفاق لغاري ھي ڪتاب سچائي جي قلم ۽ عزت جي روشنائي سان لکيو آهي، ھن ۾  نه صرف سندس ذاتي زندگي جو وارتا بيان ٿيل آهي، بلڪه  ان ۾ سڀني متاثرن ٿيندڙن جو آواز آھي، جيڪي مختلف وقتن تي آن لائن تشدد جو شڪار ٿيندا رھندا آھن.

 عرفانه ملاح لکيو آهي ته، ھي ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ حوصلو ملي ٿو، جيڪڏهن توھان سچ تي ثابت قدم رھو ٿا ته منزل ملي ٿي وڃي. اشفاق پنھنجي اميد جي طاقت سان وڙھندو رھيو، ھي ڪتاب شاندار انداز ۾ لکيو ويو آهي. صحافي مطيع الله جان ھن ڪتاب متعلق لکيو آهي ته، اشفاق لغاري ھن تحرير ذريعي پنھنجي پاڻ تان ۽ خاندان تان اھي قرض لاٿا آهن، جيڪي ھن کي ادا  نه ڪرڻا ھئا. ان حوالي سان سندس خاندان وارا به مبارڪن جا مستحق آھن، جيڪي پڻ امتحان مان گذريا آهن. ھن ڪتاب تي بليڪ ھول اسلام آباد پاران به ھڪ نشست رکي وئي، جنھن ۾ ملڪ جي ناليوارن علمي۽ ادبي شخصيتن پڻ ھن ڪتاب تي پنھنجا ويچار ونڊيا. ان کان سواءِ اشفاق لغاري جي ڪتاب نفرت ڪي دريافت تي وڻن جي شھر ٽنڊو غلام علي ۾ سماج واد عمران ڪنڀر پاران گذريل ھفتي مھورتي تقريب رکي وئي، جنھن ۾ ٽنڊو غلام علي ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن، شاگردن، استادن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

7 جولاءِ 1987ع تي ڳوٺ محمد ايوب لغاري تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ محمد الياس لغاري جي گھر ۾ جنم وٺندڙ اشفاق لغاري پنھنجي شروعاتي تعليم ٽنڊوالھيار مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪ سنگهار مان، انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالھيار مان ۽ ايم اي ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2008ع ۾ حاصل ڪئي. ھن ادب ۾ ڪھاڻيون ۽ خاڪا لکڻ جي شروعات ڪئي. يونيورسٽي ۾ پڙھڻ واري دور کان هو مخلتف اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. اشفاق لغاري 2012ع کان مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي عھدي تي ڪم ڪري رھيو آھي.

اشفاق لغاري جي ڪتاب نفرت ڪي دريافت ۾ 2019ع ۾ پاڻ سان پيش ايندڙ واقعي جي ڪھاڻي لکي آھي، ھي ڪھاڻي ھڪ سافٽ ويئر جي مدد سان ٺاھيل تصوير ۽ بدڌيانتي ۽ ڪوڙ تي مبني فيسڪ بوڪ پوسٽ کان شروع ٿئي ٿي، سائيبر ڪرائيم جي ھن ڪھاڻي ۾ معاشري جي روين، انفرادي ۽ اجتماعي سوچن کان وٺي، انساني مصلحتن ۽ منافقين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آهي. ھن ڪتاب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سماج جي ھڪ پڙھيل لکيل ۽ باشعور فرد کي پنھنجين ناجائز مقصدن خاطر ڪھڙي طريقي سان هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻي طرف ڪرمنلن جي عزت افزائي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي ھار پارايا وڃن ٿا. ھي ڪتاب اسان جي معاشري جي روين جو ھڪ قسم جو آئينو آهي، جيڪو اسان کي پنھنجو منھن ڏيکاري ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.

اشفاق لغاري ھي ڪتاب انتھائي بھترين اسلوب، جرئت ۽ بيباڪي سان لکيو آهي. سائيبر ڪرائيم ڪيس جي ھن پھرين ڪتاب ۾ جتي سائيبر ورلڊ جي ڪرمنل سرگرمين تان پردو کڻي ٿو، اتي ملڪي عدالتي نظام ۽ لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪمن ڪارين بابت پڻ ٻڌائي ٿو. ان سان گڏ ھي ڪتاب سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن ۾ مصلحتن خاطر ٿيندڙ سياست کي به ظاھر ڪري ٿو. پنھنجي نوعيت جي ھن انوکي ۽ منفرد ڪتاب ۾ سائيبر ڪرائيم جي آفيسرن جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئي آھي. اڄوڪي ھن ڊيجيٽل دور ۾  شاطر ماڻھو ڪھڙي نموني سان معصوم ماڻهن کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائن ٿا، جيڪڏھن اھو ڪنھن کي معلوم ڪرڻو ھجي ته کين هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.