ڪراچي شهر هڪ ڀيرو ٻيهر وري اُن ئي خطري واري موڙ تي بيٺل آهي، جتي ڪجهه سال اڳ تائين خوف، دهشت ۽ ڀتا خوري جي راڄ سبب شهرين جو ساهه مٺ ۾ هوندو هو. اهو سڀ ڪجهه اُن شهر ۾ ٻيهر سر کڻي بيٺو آهي، جيڪو ملڪ جي معيشت جو وڏو مرڪز ۽ ٽيڪسن جو وڏو ذريعو آهي. ڪراچي ۾ ڀتي جون پرچيون ورهائڻ، پرڏيهه مان فون ڪالز اچڻ، مخصوص برادرين ۽ خاص طور تي واپارين ۽ بلڊرن کي نشانو بڻائڻ ۽ ساڳئي وقت اقتدار ڌڻين جو خاموش رهڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته هن ڀيري مسئلو صرف ڪنهن هڪ گروهه يا ڪنهن هڪ فرد تائين محدود ناهي، پر هتي هڪ باقاعده منظم نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن طاقت جي سرپرستي ضرور حاصل آهي.
هن سموري صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته، جيڪي ادارا اُن وقت ڪراچي ۾ امن جي دعوائن سان سياسي ڪريڊٽ وٺي رهيا هئا، اهي اڄ اُن سوال کان پاسو ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن واقعي شهر ۾ ڀتو ورتو پيو وڃي ته پوءِ پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ رينجرز جو ڪردار ڇا آهي؟ ڳجها ادارا جن کي هر شيءِ جي خبر هوندي آهي، انهن وٽ رپورٽون ته موجود آهن، پر آخر عمل ڇو نٿو ٿئي؟ اهو به چيو پيو وڃي ته ڪجهه نيٽ ورڪ ايران سميت ٻاهرين ملڪن مان هلن ٿا، پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا حڪومت کي انهن ماڻهن جا نالا معلوم ناهن؟ يا وري ڄاڻي واڻي اکيون بند ڪيون ويون آهن؟ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته لياري گينگ وار سان لاڳاپيل ڪجهه ڪردار، جيڪي ماضي ۾ شهر کي يرغمال بڻائي ويٺا هئا، اڄ به مختلف صورتن ۾ سرگرم آهن ۽ پرڏيهه ۾ ويهي هن شهر جي ماڻهن جي رزق ۽ عزت تي حملو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه واقعي صحيح آهي ته پوءِ رڳو سکڻن بيانن سان ڪم نه هلندو، پر حڪومت کي واضح ۽ کليل ڪارروائي ڪرڻي پوندي. اهو تاثر ختم ڪرڻو پوندو ته ڪي ماڻهو قانون کان مٿانهون آهن، يا ڪجهه قوتون اهڙن نيٽ ورڪن کي سياسي، ذاتي يا اقتصادي مفاد خاطر برداشت ڪري رهيون آهن.
ڪراچي جا واپاري ۽ ڪاروباري طبقا نه رڳو خطري ۾ آهن پر عملي طور تي دهشت جي فضا ۾ جڪڙيل آهن. جڏهن هڪ شهر، جيڪو ملڪ کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو، ان جا ماڻهو تحفظ لاءِ دانهون ڪندا رهن، انهن کي ڀتي جون پرچيون ملن، انهن جي آفيسن تي فائرنگ ٿئي ۽ حڪومت صرف بيانن تائين محدود رهي، ته پوءِ يقيناً اها حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام آهي. 18 هين ترميم کان پوءِ امن امان صوبي جي ذميواري آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ان معاملي تي فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ڪراچي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن هتي حڪومت ڪنٽرول وڃائي ويٺي ته پوءِ باقي سنڌ ۾ ڪهڙو امن برقرا رهي سگهندو ؟
حڪومت جي ترجمانن جو اهو چوڻ ته ”ايم ڪيو ايم پنهنجي ماضي ڏانهن نگاهه ڪري“، يا ”پ پ ئي شهر کي بچايو“ جهڙا جملا ڳالهائڻ ڪراچي جهڙي حساس ۽ خطرناڪ صورتحال لاءِ مناسب نه آهن. عوام کي سياسي بيان نه پر نتيجا گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن دور ۾ ڪنهن جماعت غلط ڪم ڪيو ته اهو پنهنجي جاءِ تي، پر اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي ان لاءِ اڄ جي حڪومت ذميوار آهي. اها سياسي تنقيد نه پر انتظامي نااهلي آهي، جنهن سبب واپارين جون زندگيون خطري ۾ آهن، اقليتي برادريون شهر ڇڏڻ تي مجبور آهن ۽ شهر وري اُن خوف واري دور ڏانهن ڌڪجي رهيو آهي، جتي هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندو هو. جماعت اسلامي به هن صورتحال کي سنڌ حڪومت خلاف هڪ چارج شيٽ قرار ڏنو آهي ۽ اهو بلڪل درست سوال اٿاريو آهي ته آخر ڇو سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، قبيلائي تڪرار ۽ هاڻي ڀتا خوري جهڙا ناسور وڌي رهيا آهن؟ ڇا واقعي ڪو به ڏوهاري حڪومت کان وڏو آهي؟ ڇا واقعي ڪا به اهڙي قوت آهي جنهن جي خلاف حڪومت ڪو فيصلائتو قدم کڻي سگهي؟
اصل ۽ بنيادي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي کي امن جي ضرورت آهي ۽ اهو امن اُن وقت ايندو جڏهن حڪومت بي ڌڙڪ ٿي ڪريڪ ڊائون ڪندي، طاقتور ماڻهن تائين پهچندي ۽ ڪنهن به سياسي يا گروهي مصلحت کان مٿانهون ٿي عمل ڪندي. جيڪڏهن حڪمرانن وٽ اهو حوصلو نه آهي ته پوءِ اهي پنهنجي نااهلي جو اعتراف ڪن، ڇو ته شهر ۾ دهشت، خوف ۽ ڀتا خوري جي واپسي سڌي معنيٰ ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿيڻ آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي چاهي ٿي ته اهڙا نيٽ ورڪ ڪنهن به صورت ۾ نه هلي سگهن. بس شرط اهو آهي ته طاقتور حلقن جي سرپرستي ختم ٿئي، قانون جو دائرو سڀني لاءِ هڪجهڙو ٿئي ۽ ڪراچي کي ٻيهر اُن حال ۾ نه ڌڪيو وڃي، جتي هر گهر ۾ خوف ۽ هر واپاري جي دل ۾ دهشت هجي. جيڪڏهن اڄ به ذميوار ڌريون جاڳيون نه ته پوءِ سڀاڻي حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃن ۽ ڪراچي شهر هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا جو خطرناڪ شهر نه بڻجي وڃي.