بنگلاديش:عثمان هادي جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهو شريڪ، ڀارت مخالف نعرا

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ عثمان هادي جي جنازي نماز راڄڌاني ڍاڪا ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس، ڪيترن ئي ڪابينا ميمبرن، سياسي اڳواڻن، سماجي شخصيتن ۽ شاگرد تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. جنازي نماز قومي پارليامينٽ (جاتيا اسيمبلي ڀون) ويجهو ادا ڪئي وئي. جنازي کان اڳ راڄڌاني جي مختلف علائقن مان ماڻهو ننڍن ۽ وڏن جلوسن جي صورت ۾ جنازي هال ۾ پهچي رهيا هئا. جنهن جي ڪري علائقي ۾ غير معمولي رش نظر آئي. شرڪت ڪندڙن شهيد عثمان هادي جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو. جن ۾، ‘اسين سڀ هميشه هادي بڻجي وينداسين، جدوجهد جاري رهندي’ ۽ ‘اسان هادي ڀائي جو رت رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين’ نمايان هئا. جنازي نماز ۾ هندستان مخالف نعرا پڻ لڳايا ويا. امن امان برقرار رکڻ لاءِ اضافي پوليس ۽ بارڊر گارڊ بنگلاديش جي فوجن کي مقرر ڪيو ويو. ڍاڪا ميٽروپوليٽن پوليس موجب، جسم تي لڳل ڪيمرائن سان ليس لڳ ڀڳ 1,000 اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ ڊيوٽي تي هئا. جڏهن ته پارليامينٽ ۽ آس پاس جي حساس علائقن ۾ بي جي بي جون 20 پلاٽون مقرر ڪيون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.