حيدرآباد: اياز ميلي جي سنڌ ميوزم هال ۾ نامياري ليکڪ اختر حفيظ جي لکيل ڪتاب “والار” تي به ويهڪ ڪرائي وئي. جنهن ۾ پروفيسر امر لغاري ڳالهائيندي چيو ته اختر حفيظ جي ڪهاڻي ۾ روايتي شيون موجود آهن، صنفي نمائندگي ڪهاڻين ۾ ملي ٿي. ولار ڪهاڻي ۾ خوبصورت انداز سان ڪردار رکيا ويا آهن. سياسي موضوع کي ٻئي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سندس ڪهاڻين ۾ جديد لاڙا ڏنا ويا آهن، جيڪي مظلوم ماڻهن جي نمائندي ڪري ٿي. ليکڪ ڪليم ٻٽ چيو ته گلاب جو پاڻي اختر جي يونيڪ ڪهاڻي آهي .
شيخ اياز کي مون چيو توهان ديوتا آهيو: نصير مرزا
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ليکڪ ادل سومرو جي ڪتاب “ڪارونجهر کي مون ڏٺو” جي مهورت پڻ ڪئي وئي. ڪتاب تي ڳالهائيندي نامياري اديب، شاعر ۽ ليکڪ نصير مرزا چيو ته 1988 ۾ ادل سومرو مون کي وٺي هليو، شيخ اياز سان ڪچهري ٿي، تنهن ڪري هو پراڻي سکر جي 3 ماڙ عمارت ۾ رهائش پذير هيو، مون کيس چيو ته توهان جنائت چوڪ تي ويٺا آهيو، شيخ اياز چيو ته آئون به ته جن آهيان، مون چيو توهان جن نه پر ديوتا آهيو ۽ واقعي هو وڏو ديوتا بڻجي ويو هو. هن چيو ته شيخ اياز تي صدين تائين لکبو پر مواد نه کٽندو. هن چيو ته شيخ اياز کي رشيد ڀٽو ۽ ادل سومرو نه صرف ڏٺو پر آخري ڏينهن ۾ سندس ويجهو رهيا، تنهن ڪري ادل سومرو، شيخ اياز تي تمام بهترين نموني لکيو آهي. هن چيو ته ادل سومرو هڪ وڏي شخصيت جو نالو بڻجي چڪو آهي، . ڪتاب جي ليکڪ ادل سومرو چيو ته شيخ اياز وڏو شاعر هو، هن هر صنف تي لکيو آهي، مون شيخ اياز تي ڪيترائي آرٽيڪل لکيا هئا، جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿيا، اهي شيخ اياز کي پسند به آيا هئا. هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ سماج جي تڪليف سمايل آهي، مون کي اياز ميلي جو سڄو سال انتظار رهندو آهي، پهرين ميلي کان وٺي هن ميلي تائين حاضري رهي آهي، مون کي خيال آيو ته هن سال امر سنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح کي ڀيٽا پيش ڪريان، اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مون کين هي ڪتاب لکي ڀيٽا ڏني. هن چيو ته شيخ اياز جون سموريون تحريرون هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪيون آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته شيخ اياز جي فڪر کي جديد دور جي تقاضائن موجب پيش ڪريون. نامياري صحافي نياز پنهور چيو ته ادل سومرو شيخ اياز بابت ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي شيون نيون ڏنيون آهن، جيڪي اياز بابت وڏي ڄاڻ ڏين ٿيون .
You might also like