شاهراهه ڀٽو لاءِ زمين جي والار خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو، هزارين گاڏيون جام، گرفتاريون

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڪراچي جي سڀ کان وڏي منصوبي، ڊفينس کان ڊي ايڇ اي سٽي جي ملاپ واري شاهراهه ڀٽو جي انٽرچينج لاءِ زمين جي معاوضي نه ملڻ خلاف، زميندار عظيم دهڪان بلوچ احتجاج ڪندي شاهراهه ڀٽو تي ڳوٺاڻن سان ڌرڻو ڏنو. روڊ جي ٻنهي پاسن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي. ملير پوليس عظيم دهڪان ۽ سندس ساٿين سميت ڀيڻ کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو. عظيم دهڪان ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري خلاف ملير جي بلوچ برادري قومي شاهراهه تي ڪراچي-ٺٽو روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب لانڍي، ڪورنگي ۽ ٺٽو جي ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت طرفان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شاهراهه ڀٽو جي انٽرچينج جي تعمير جو منصوبو جاري آهي، جنهن لاءِ زمين گهربل آهي. ان مقصد لاءِ عظيم دهڪان جي خانداني زمين استعمال ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. عظيم دهڪان جو چوڻ آهي ته انٽرچينج جي نقشي ۾ مناسب تبديلي آڻي سندس زمين کي محفوظ ڪيو وڃي. ذريعن موجب، عظيم دهڪان ۽ سندس گهرڀاتين زمين حاصل ڪرڻ واري فيصلي خلاف احتجاج ۽ مزاحمت ڪئي، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي کين حراست ۾ ورتو. شاهراهه کولڻ لاءِ ملير انتظاميا پوليس جا وڏا اهلڪار طلب ڪري ورتا. عظيم دهڪان گرفتاري کان اڳ وڊيو بيان جاري ڪري، حڪومت کي عدالت ذريعي رٽ داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. شاهراهه ڀٽو شام کان بلاڪ هجڻ سبب هزارين گاڏيون ڦاٿل رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.