سيف سميجو، راشد حيدري ۽ ٻين ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو

حيدرآباد: حيدرآباد جي سرد ھوائن ۾ ٻئي ڏينھن به اياز ميلي جا نرالا رنگ رھيا، محفل اياز ۾ راڳين سيف سميجو، راشد حيدري، وچن سنڌي، شڪيلا نون، مائي صاحبان مڱڻھار، ماروي سسٽرس، ڀورو ڀڳت گروپ، مارل گروپ، عاشق نظاماڻي ۽ آغا ثناءُ الله فن جو مظاھرو ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو. گيتن تي اياز جي مداحن زبردست روحاني رقص ڪندي جھمريون ھنيون. سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ڪالھ ٻئي ڏينھن به ھزارين اياز جي عاشقن جي پيھ رھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.