ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ سريلنڪن ٽيم ۾ وڏي تبديلي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ سريلنڪن ٽيم ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ (سريلنڪا ڪرڪيٽ) طرفان داشن شاناڪا کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي تائين ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نئين چيف سليڪٽر پرموڊيا وڪرماسنگهي عالمي ڪپ لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جو اعلان ڪندي ان فيصلي تي تصديق ڪئي.
ان کان اڳ اُپل ٿرنگا جي سربراهي ۾ اڳوڻي سليڪشن ڪميٽي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪپتاني جي تبديلي تي غور ويچار ڪري رهي هئي.
پرموڊيا وڪرماسنگهي موجب، هيڊ ڪوچ سنٿ جئه سوريا ۽ هاءِ پرفارمنس جي سربراهه جيروم جئه رتنئي سان صلاح مشوري کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته اڳوڻي ڪميٽي طرفان چونڊيل 25 رڪني شروعاتي اسڪواڊ کي برقرار رکيو وڃي.
هن چيو ته شاناڪا کي هڪ آل رائونڊر طور رکيو ويو آهي ۽ ٽيم ۾ سندس ڪردار تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گذريل مهيني پاڪستان ۾ کيڏيل ٽه ملڪي سيريز دوران چراٿ اسالانڪا طرفان دوري اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ داشن شاناڪا کي عارضي ڪپتان بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.