دبئي (ويب ڊيسڪ)انڊر 19 ايشيا ڪپ جو فائنل روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کيڏيو ويندو.
پاڪستان ٽورنامينٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، جڏهن ته ميگا ايونٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کي هارائي فائنل ۾ پهتي.
ٻنهي روايتي مخالفن وچ ۾ آخري دنگل سڀاڻي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح ڏهين وڳي شروع ٿيندي.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ جي گروپ مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي 90 رنسن سان شڪست ڏئي چڪو آهي.
Prev Post
You might also like