فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)مملڪتي گهرو وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته جتي گورننس جو مسئلو آهي، اتي نوان صوبا ضرور ٺهڻ گهرجن.
فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته روز اسان کي سبق ڏنو ويندو آهي ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن، جتي گورننس خراب آهي، جيڪڏهن ننڍي صوبي ۾ گورننس جو مسئلو آهي ته ان کي سڌارڻ لاءِ ضرور سوچڻ گهرجي.
طلال چوڌري جو چوڻ هو ته پنجاب جا وسيلا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان گهٽ آهن، جڏهن ته وڏي صوبي ۾ وڌيڪ آباد، گورننس، صحت ۽ تعليم به بهتر آهي ۽ امن سان گڏ ويزن به آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو سڀ کان محفوظ صوبو پنجاب آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ انسانن لاءِ ايتريون سهولتون موجود نه آهن، جيتريون پنجاب ۾ جانورن لاءِ موجود آهن.
You might also like