ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پاڪستان جي اڳوڻي ليجنڊري ڪپتان عمران خان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ورتو.
ايشز سيريز جي ٽِين ٽيسٽ ۾ پيٽ ڪمنز ڊگهي فارميٽ ۾ 13 ڀيرو انگلش بيٽر جوءِ روٽ جي وڪيٽ حاصل ڪئي ۽ هو ڪنهن به هڪ بيٽر کي سڀ کان وڌيڪ ڀيرا آئوٽ ڪندڙ بالر بڻجي ويو.
انگلينڊ جون 6 مان 3 وڪيٽون پيٽ ڪمنز جي حصي ۾ آيون، هو مچل جانسن کي پوئتي ڇڏيندي آسٽريليا لاءِ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالرن جي فهرست ۾ ڇهين نمبر تي اچي ويو.
ان کانسواءِ پيٽ ڪمنز ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان طور 150 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ان کان اڳ رڳو اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان عمران خان 187 وڪيٽن سان اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪو آهي.
ياد رهي ته پيٽ ڪمنز انجري سبب سيريز جون شروعاتي ٻئي ميچون نه کيڏي سگهيو هو.
You might also like