ايڊيليڊ ٽيسٽ: انگلينڊ جي پوزيشن ڪمزور، ايشز ۾ فيصلائتي سرسي لاءِ آسٽريليا کي چار وڪيٽون گهربل

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا کي ايڊيليڊ ٽيسٽ کٽڻ ۽ ايشز سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ لاءِ انگلينڊ جون رڳو 4 وڪيٽون گهربل آهن.
ايڊيليڊ ۾ جاري ايشز سيريز جي ٽيِن ٽيسٽ ميچ ۾ انگلش ٽيم آسٽريليا جي 435 رنسن جي هدف جي جواب ۾ چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
انگلينڊ کي فتح لاءِ وڌيڪ 228 رنسون جڏهن ته آسٽريليا کي چار وڪيٽون گهربل آهن.
انگلش بيٽر ويل جيڪس 11 ۽ جيمي سمٿ 2 رنس ٺاهي ڪرِيز تي موجود آهن، آسٽريليا طرفان ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ نيٿن ليون 3، 3 وڪيٽون ورتيون آهن.
ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 349 رنس ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، ٽريوس هيڊ 170 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي.
انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 4 ۽ برائيڊن ڪارس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ياد رهي ته آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي پنهنجي پهرين اننگز ۾ 371 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ انگلش ٽيم پهرين 286 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.