اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ٽو ڪيس جو لکت ۾ فيصلو سامهون اچي ويو آهي.
اسپيشل جج سينٽرل ارجمند شاهه توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي گڏيل طور تي 17، 17 سال قيد ۽ هڪ ڪروڙ 64 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.
توشا خانا ٽو جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فريادي ڌر پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ ٻنهي جوابدارن تي امانت ۾ خيانت جو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قلم 409 تحت ڏهه سال ۽ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ تحت ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
فيصلي موجب، بشريٰ بي بي کي به 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته هر هڪ تي هڪ ڪروڙ 64 لک 25 هزار 650 رپيا ڏنڊ هنيو ويو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي وڏي عمر ۽ بشريٰ بي بي کي عورت هئڻ سبب گهٽ سزا ڏني وئي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري واري عرصي کي به سزا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
” عمران خان کي وڏي عمر ۽ بشريٰ بي بي کي عورت هئڻ سبب گهٽ سزا ٻڌائي وئي“، توشا خانا ٽو جو لکت ۾ فيصلو جاري
Next Post
You might also like