لنڊن (ويب ڊيسڪ)فٽبال اسٽار ليونل ميسي کي ڀارتي سرمائيدار اننت امباڻي 13 لک آمريڪي ڊالر (36 ڪروڙ 40 لک پاڪستاني رپين) جي هڪ ناياب گهڙي تحفي طور پيش ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ليونل ميسي کي ڀارت جي دوري دوران ارب پتي اننت امباڻي طرفان لڳ ڀڳ 13 لک ڊالر ماليت جي هڪ ناياب گهڙي تحفي ۾ ڏني وئي آهي.
ان گهڙي ۾ بليڪ ڪاربن فائبر ڪيس ۽ اسڪيليٽن ڊائل شامل آهي، جيڪو اندروني ميڪنزم کي نمايان ڪري ٿو، سوشل ميڊيا تي ميسي جون اهڙيون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ کيس اها گهڙي پاتل ڏسي سگهجي ٿو.
You might also like