مان جنهن ۾ ڊرامي ۾ هوندي آهيان اُهو هٽ ٿي ويندو آهي: صبا فيصل

لاهور (ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪارا صبا فيصل دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڊراما مقبوليت جا رڪارڊ جوڙيندا آهن.
صبا فيصل جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، جنهن پنهنجي اداڪاري سان ڏسندڙن جي دلين ۾ گهر ٺاهيو آهي.
سينيئر اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڊرامن جي مقبوليت بابت ويچار ونڊيا.
اداڪارا ڊرامن بابت ڳالهائيندي چيو ته جنهن ڊرامي ۾ هوءَ هوندي آهي، اهو سٺو ڊرامو هوندو آهي ۽ سندس ايندڙ ڊرامو به هٽ ثابت ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته رمضان ۾ ٻه ڊراما ڪيا، ٻنهي ڊرامن کي عوام طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.