ممبئي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ دفاعي چيمپيئن ڀارت جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ ايندڙ سال شروع ٿيندڙ ٽورنامينٽ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) طرفان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بي سي سي آءِ طرفان اعلانيل اسڪواڊ جي قيادت سوريا ڪمار يادَو ڪندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان شُڀمَن گِل ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو، سندس جاءِ تي اڪشر پٽيل کي ڀارتي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ رنسن جا انبار لڳائيندڙ ۽ پنهنجي ڪپتاني هيٺ جهارکنڊ کي چيمپيئن بڻائيندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايشان ڪشن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر جيتن شرما جي جاءِ تي رنڪو سنگهه کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ سوريا ڪمار يادَو (ڪپتان)، اڪشر پٽيل (وائس ڪپتان)، سنجو سيمسن (وڪيٽ ڪيپر)، اڀيشيڪ شرما، تلڪ ورما، هاردِڪ پانڊيا ۽ شيوم دوبي شامل آهن.
ان کانسواءِ رنڪو سنگهه، جسپريت بُمرا، هرشت راڻا، ارشديپ سنگهه، ڪلديپ يادَو، ورن چڪرورتي، واشنگٽن سُندر ۽ ايشان ڪشن (وڪيٽ ڪيپر) کي به ڀارتي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سر لنڪا ۾ کيڏيو ويندو.
دفاعي چيمپيئن ڀارت جو آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ٽيم جو اعلان، سوريا ڪپتان، گِل ڊراپ
You might also like