ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هڪ ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ اڄ ٻيهر سوين رپيا واڌ رڪار ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 13 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 56 هزار 162 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 1115 رپيا واڌ بعد 3 لک 91 هزار 85 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 13 ڊالر اضافي سان 4338 ڊالرز تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
You might also like