ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ اسيمبلي سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ (عمل ۽ طريقيڪار) بل 2025 کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو، پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج، ڪالهه جمع واري اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي گوڙ دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ (عمل ۽ طريقيڪار) بل 2025 کي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. بل قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪيو. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سراج قاسم سومرو سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ (عمل ۽ طريقيڪار) بل 2025 بابت رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. قانون واري وزير جي ترميمي بل کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ واري موقعي تي پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙ آزاد ميمبرن پاران گوڙ ڪيو ويو ۽ "نه… نه” جا نعرا لڳايا ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسان انهيءَ ترميم کي بل جي شڪل ۾ ايڪٽ جو حصو بڻائڻ لاءِ آرڊيننس آندو آهي. هن چيو ته حڪومت پهريان بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو جنهن ۾ مخالف ڌر جا ميمبر به شامل هئا. ڪنهن به مخالف ڌر جي ميمبر بل تي ڪو به اعتراض نه ڪيو. ميمبرن گڏيل صلاح مشورو ڪيو، جنهن کان پوءِ بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ آندو آهي،پر بل جي منظوري وقت مخالف ڌر جا ميمبر اهڙو گوڙ ڪري رهيا آهن جو ائين لڳي پيو ته ڄڻ ڪو ڪارو قانون آندو پيو وڃي. قانون واري وزير يقين ڏياريو ته پي ٽي آءِ ميمبر ساجد ڪميٽي پڻ موجود هو ۽ هن ڪو به اعتراض نه ڪيو هو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ اهي ماڻهو هتي گوڙ ڪري رهيا آهن. ڪارروائي دوران ايوان جي ميمبرن جي اڪثريت سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ترميمي بل جي منظوري ڏني. اهو بل قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضيا لنجار پاران ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن فيڊرل بي ايريا بلاڪ 15 کي ڊگري ڏيڻ واري اداري جو درجو ڏيڻ بابت بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو اسپيڪر لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي شبير قريشي پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته سائيٽ ايريا ۾ جاري ترقياتي ڪم ۾ خراب معيار جو مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي .