ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بندوق جي زور تي خدا نه ڪري پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش قيامت تائين ناڪام رهندي.
پوليس ٽريننگ ڪاليج ڪوئيٽا ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي باغي گروهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان هڪ لمحي لاءِ به توهان جي بندوق واري نظريي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، بلوچستان جا بهادر سپاهي توهان جي مقابلي ۾ رڪ جي ڀت وانگر بيٺا هوندا.
وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن توهان پاڪستان جي آئيني دائري ۾ رهندي واپس اچڻ چاهيو ٿا ته رياست جا رستا کليل آهن ۽ جيڪڏهن توهان رياست جا ڪارائتا شهري بڻجڻ لاءِ تيار ناهيو ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون.
هن چيو ته ليڊر ڪڏهن به مقبول فيصلا ناهن ڪندا، پر هميشه درست فيصلا ڪندا آهن، اڄ سڄي بلوچستان کي اي ايرياز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، اهو رڳو هڪ مضبوط فيصلو ناهي، پر بلوچستان پوليس لاءِ اعزاز ۽ ذميواري جي ڳالهه آهي.
You might also like