نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن خاص ماهرن هلندڙ سال مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ بابت پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪندي ڀارت جي حملي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو .
گڏيل قومن جي ماهرن پاڪ-ڀارت جنگ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڀارت جي هڪ طرفي قدمن تي سخت اعتراض واريا ويا آهن.
يو اين ماهرن جي رپورٽ ۾ پهلگام حملي جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان حملي ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي ۽ اڻڌري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.
رپورٽ موجب، 7 مئي 2025 تي ڀارت ”آپريشن سندور“ جي نالي سان پاڪستان جي حدن اندر طاقت جو استعمال ڪيو، جيڪو گڏيل قومن چارٽر جي خلاف آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت يو اين چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت سيڪيورٽي ڪائونسل کي باظابطا اطلاع نه ڏنو، اڳواٽ اطلاع نه ڏيڻ گهربل طريقيڪار جي ڀڃڪڙي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حملن دوران شهري علائقا نشانو بڻيا، مسجدون متاثر ٿيون، جڏهن ته ڪيترائي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا.
رپورٽ موجب، 7 مئي 2025 تي پاڪستان ڀارتي ڪارروائي جي مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان کي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي بچاءَ جو حق حاصل آهي.
خاص ماهرن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي رياستي سطح تي ملوث هئڻ بابت ڪو به جوڳو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.
رپورٽ موجب، دهشتگردي جي نالي تي هڪ طرفي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جو ڪو الڳ تسليم ٿيل حق موجود ناهي، جيڪڏهن طاقت جو استعمال غير قانوني هجي ته اهو زندگي جي حق جي ڀڃڪڙي بڻجي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو اهو عمل وڏي تڪرار جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڀارتي قدم کي ”هٿياربند حملو“ سمجهيو وڃي ته پاڪستان کي سيلف ڊفينس جو مڪمل حق حاصل آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي قدم پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهن، ڀارتي قدم مداخلت نه ڪرڻ وارن اصولن جي به کليل ڀڃڪڙي آهن.
سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي به ڀارت خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
گڏيل قومن جي خاص ماهرن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدي کي ”هيلڊ ان ايبينس“ ڪرڻ بابت ڀارت جي اعلان تي سخت ڳڻتي آهي، پاڻي جي وهڪري ۾ رنڊڪ يا ان بابت ڌمڪي ڪروڙين پاڪستانين جي بنيادي حقن کي متاثر ڪري ٿي، پاڻي، خوراڪ، روزگار، صحت، ماحول ۽ ترقي جا حق ان فيصلي جي نتيجي ۾ خطري ۾ پئجي وڃن ٿا.
رپورٽ موجب، سرحد پار پاڻي جي حقن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي، پاڻي کي سياسي يا معاشي دٻاءَ جو ذريعو نٿو بڻائي سگهجي، ڪا به ڌر هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل نٿي ڪري سگهي، جيستائين ڌريون نئون معاهدو ڪري ان کي ختم نه ڪن تيستائين معاهدو لاڳو رهندو، ڀارت طرفان استعمال ڪيل اصطلاح ”هيلڊ ان ايبينس“ مبهم آهي.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ڀارت معاهدي جي معطلي بابت شقن کي واضح طور تي لاڳو نه ڪيو، مقرر طريقيڪار کي نظرانداز ڪري هڪ طرفي معطلي غير قانوني آهي، تڪرارن جو حل معاهدي ۾ لکيل طريقيڪار تحت ٿيڻ گهرجي، ڀارت جي ”ميٽيريل بريچ“ واري دليل کي ڪمزور قرار ڏنو ويو آهي.
خاص ماهرن جي رپورٽ موجب، پاڪستان طرفان معاهدي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ظاهر نه ٿي آهي، ڀارت طرفان مبينا سرحد پار دهشتگردي جي الزامن کي آبي معاهدي سان ڳنڍڻ قانوني طور غير لاڳاپيل آهي.
رپورٽ موجب، ”بنيادي حالتن ۾ تبديلي“ واري دليل انتهائي سخت معيار تي پورو لهڻ گهرجي، رڳو آبادي يا توانائي جون گهرجون ڪافي ناهن، ڀارت ”ڪائونٽر ميجرز“ جي جواز لاءِ به ڪو اعتباد جوڳا ۽ مربوط ثبوت ناهن ڏنا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي روڪڻ يا معاهدو معطل ڪرڻ نامناسب قدم آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو بار سڌو سنئون عام پاڪستانين جي حقن تي پوي ٿو، ڪائونٽر ميجرز بنيادي انساني حقن بابت ذميوارين کان ڇوٽ نٿا ڏين، ڪائونٽر ميجرز لاءِ نوٽيس، ڳالهين جي آڇ ۽ قانوني طريقيڪار جون شرطون پوريون ٿيڻ گهرجن، اهي قدم عارضي ۽ واپس وٺڻ جهڙا هوندا آهن، کين مستقل خاتمي يا معطلي جو جواز نٿو بڻائي سگهجي.
رپورٽ ۾ ڀارت سبب سنڌ طاس معاهدي ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، انڊس ڪميشن جا ساليانا اجلاس 2022ع کانپوءِ نه ٿيا آهن، ڊيٽا جي ڏي وٺ ۾ رنڊڪ ۽ تصفيي وارن نڪتن تي تڪرار معاهدي جي روح جي خلاف آهن، ڀارت ٽياڪڙي ڪارروائين ۾ شرڪت کان پاسو ڪيو ۽ سنڌ طاس معاهدي جي اختيارن واري دائري کي چئلينج ڪيو.
رپورٽ ۾ ڀارت کان وضاحت، ممڪن تلافي ۽ معذرت بابت باضابطا جواب طلب ڪرڻ ۽ معاهدي تي نيڪ نيتي سان عملدرآمد بابت به جواب گهريو آهي.
گڏيل قومن جي خاص ماهرن ڀارت کان انساني نقصان روڪڻ لاءِ کنيل قدمن بابت باضابطا جواب طلب ڪندي چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي نيڪ نيتي سان عمل ڪري ۽ پاڪستان جي حقن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪري.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڀارت پاڻي ۾ رنڊڪ سبب پيدا ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ نقصان کي روڪڻ لاءِ عملي قدم واضح ڪري.
گڏيل قومن جي اسپيشل رپورٽرز ڀارت جي موقف کي رد ڪندي مودي سرڪار ڏانهن سوالنامو به اُماڻيو، جنهن ۾ هي سوال شامل آهن ته
ڇا ڀارت وٽ پنهنجي مڙهيل الزامن جا ڪي ثبوت موجود آهن؟
ڇا ڀارت طاقت جي غير قانوني استعمال سبب ٿيندڙ انساني نقصان جو ازالو ڪندو ۽ معافي وٺندو؟
ڇا ڀارت سنڌ طاس معاهدي جون ذميواريون نڀائيندو ۽ پاڪستان جي قانوني، بنيادي ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪندو؟
ڇا ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي تڪرار حل واري شقن تي عمل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟
ڇا ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ ڪشميرين کي حقِ خوداراديت ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو؟
رپورٽ موجب، ڀارت گڏيل قومن جي ڪنهن به سوال جو جواب ناهي ڏنو، سوالن جا جواب نه ملڻ کانپوءِ خاص ماهرن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي