9 مئي ڪيس: شاهه محمود آجو، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري سوڌو اٺ جوابدارن کي ڏهه، ڏهه سال ٽيپ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي هڪ ليس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو.
اي ٽي سي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ 9 مئي تي ڪلب چوڪ جي او آر جي گيٽ تي حملي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي شاهه محمود قريشي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ان کانسواءِ عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي 10، 10 ورهين قيد جي سزا ٻڌائي.
ڪيس ۾ ٽرائل دوران ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 21 جوابدارن جا حتمي بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏهن ته پراسيڪيوشن طرفان 56 شاهد عدالت ۾ پيش ڪيا ويا.
ٽرائل دوران چئن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو، عدالت شاهه محمود قريشي سميت مجموعي طور 13 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 8 جوابدارن کي 10، 10 ورهين قيد جون سزائون ٻڌايون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.