اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان دهشتگرد عنصرن جي موجودگي علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ گڏيل قومن جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي واضع تائيد ڪري ٿي.اسلام آباد ۾ خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي بابت جوڳا ثبوت موجود آهن، دهشتگردن کي افغان سرزمين تي سهائتا ملڻ جا پختا ثبوت آهن، پاڪستان کي دهشت گرد عنصرن جي حمايت بابت انساني ۽ ٻين انٽيليجنس ذريعن وٽان ڄاڻ ملندي رهي ٿي، دهشتگردن جو انگ، نالا ۽ مالي مدد بابت معتبر رپورٽون موجود آهن.چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سفارتي چينلز فعال آهن، ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي راڄڌانين ۾ موجود آهن، ٻطرفا معاملا سفارتي ذريعن وسيلي بحث هيٺ ايندا رهن ٿا. هن چيو ته ايران ۾ ٿيل علائقائي معاملن بابت گڏجاڻي ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ، اجلاس ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن واري معاملي تي تفصيلي ويچاريو ويو، طاهر اندراني چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي، دهشتگرد گروهن جي موجودگي افغانستان ۾ اندروني استحڪام ۽ ترقي جي ڪوششن کي به نقصان پهچائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون رپورٽون افغانستان ۾ مختلف دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي جي تصديق ڪن ٿيون، رپورٽ ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين پرڏيهي دهشتگرد عنصرن جو خاص ذڪر ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي واضع تائيد ڪري ٿي، دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن. ترجمان موجب بين الاقوامي استحڪام فورس بابت ڪجهه عالمي راڄڌانين ۾ مشاورت جاري آهي، پر پاڪستان کي ان معاملي تي ڪنهن مخصوص درخواست بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو ۽ ان فورس بابت پاڪستان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو. ترجمان آسٽريليا ۾ فائرنگ واري واقعي بابت چيو ته بونڊائي سمنڊ ڪناري ٿيل حملي جي جاچ آسٽريلوي اختياريون ڪري رهيون آهن، ان حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ افسوسناڪ ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي، هڪ پاڪستاني جو نالو ۽ تصوير بنا تصديق ميڊيا تي ڏيکاري وئي، جنهن سبب غلط رپورٽنگ سبب هڪ بيگناهه شخص ۽ سندس ڪٽنب لاءِ خطرا وڌي ويا، ڀارتي ميڊيا واقعي بابت غلط ڄاڻ پکيڙي پروپيگنڊا ڪئي، جڏهن ته حملي آور ڀارتي ڄائو ۽ ڀارتي پاسپورٽ هولڊر نڪتو. هن ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار طرفان هڪ سرڪاري تقريب دوران مسلمان عورت ڊاڪٽر جو نقاب زبردستي لاهڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته هڪ سينيئر سياسي اڳواڻ طرفام مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ انتهائي ڳڻتي جوڳوعمل آهي ۽ ان جي سخت مذمت ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو قدم ڀارت ۾ مسلمان عورتن جي تذليل کي معمول بڻائڻ واري رويي جي هڪ ڪڙي بڻجي سگهي ٿو ۽ اهو رويو ڀارت جي مذهبي اقليتن، خاص طور تي مسلم شهرين سان عوامي بدسلوڪي جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو.ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان سڀني ذميوار ڌرين ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڏئي ٿو ته هو هن واقعي جي سنگيني کي قبول ڪن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي آزادي جي احترام ۽ انساني وقار جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.پرڏيهي ترجمان چيو ته ڪنهن به ملڪ جو سفير پرڏيهي آفيس جي اجازت سان عدالتي ڪارروائي ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو
-
غزا ۾ امن فورس بابت پاڪستان وٽ گهڻا آپشن ناهن
نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري ليکڪه ۽ تجزئي نگار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته مون رائيٽرز کي به اهو ئي چيو هو ته جنرل عاصم منير کي آمريڪا ان ڪري سڏايو ويو آهي، ڇو ته ڊونلڊ ٽرمپ اهو چاهيٿو ته مسلمان ملڪن مان هڪ گڏيل فوج تيار ٿئي، جيڪا وڃي اتي امن قائم ڪري، پر امن قائم ڪرڻ ڪو سولو مرحلو ناهي. هن ۾ هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته حماس کي غير مسلح (ڊي ويپنائز) ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. ٻيو مسئلو اهو آهي ته گڏيل قومن (يونائيٽيڊ نيشنز) جي فريم ورڪ اندر ڪيترائي مسلمان ملڪ ــ جهڙوڪ اردن، مصر، ترڪي، انڊونيشيا، آذربائيجان ۽ پاڪستان ــ شامل ٿيڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي،هن چيو ته سندس خيال ۾ جنرل عاصم منير سڌيءَ طرح انڪار نه ڪندو، پر ڳالهه ٻولهه ضرور ڪندو. هن چيو ته اڃا تائين واضح ناهي ته اها فورس حماس کي غير مسلح ڪري سگهي ٿي يا نه؟ هتي جيڪا پيِس ڪيپنگ چاهي پئي وڃي، اها گهڻي حد تائين اسرائيل جي فائدي لاءِ آهي،هن چيو ته “هن وقت سڀ ڪجهه هوا ۾ لٽڪيل آهي. ڪو به واضح رول آف گيم طئي ناهي ٿيو. جنرل عاصم منير جڏهن ويندو ته پاڪستان جا اندرين چيلينجز به سامهون رکندوهن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن فورس بابت قرارداد ته پاس ڪري ڇڏي آهي، پر فورس جي جوڙجڪ، مينڊيٽ ۽ تفصيلون اڃا سامهون نه آيون آهن،هن چيو ته اسلامي دنيا ۾ وڏا خدشا آهن. جيڪڏهن پاڪستاني فورس حماس کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ وئي ته اسلامي ملڪن، خاص طور تي پاڪستان ۾ سخت ردعمل ٿيندو. جيڪڏهن اسرائيلي فوج سان ٽڪراءُ ٿيو ته عالمي سطح تي اسلاموفوبيا وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي، جيئن تازو آسٽريليا ۾ ٿيو.پاڪستان وٽ حقيقت ۾ گهڻا آپشن به ناهن. جيڪڏهن جنرل عاصم منير سخت موقف اختيار ڪري ٿو ته اهو سهڪار ختم به ٿي سگهي ٿو، جيڪو پاڪستان لاءِ خطري کان خالي ناهي.
-
غزا ۾ پاڪ فوج فلسطينين جي مدد لاءِ ويندي: راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم پاڪستان جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن امن ۽ امان جي صورتحال پيدا ٿي ته عمران خان کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو۔نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هينئر تائين جنهن تعداد ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن اڊيالا جيل ٻاهران گڏ ٿين ٿا، ان کي ڏسندي عمران خان جي منتقلي جي ڪا ضرورت نٿي بڻجي۔هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات جي معاملي کي سياسي ايونٽ بڻائي ڇڏيو آهي، اهي ملاقات لاءِ نه پر احتجاج ۽ ڌرڻي لاءِ گڏ ٿين ٿا۔رانا ثناءُالله جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ٽڪراءُ چاهي ٿي ته جيئن کين فائدو ملي ۽ پوءِ ان تي سياست ڪئي وڃي،هن چيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهه ۾ پاڪستان خلاف محاذ کولڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري چڪي آهي، پر کين ڪا به ڪاميابي نه ملي آهي۔عمران خان کي جيڪو مقبوليت جو غرور آهي، اهو به ختم ٿي ويندو، ۽ جلسن ۾ اچڻ وارن ماڻهن جو انگ ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندو ويندو۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ رانا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن عمران خان جا پٽ رڳو پنهنجي والد سان ملاقات لاءِ اچن ته کين مڪمل اجازت هجڻ گهرجي، پر جيڪڏهن سندن پروگرام ڪجهه ٻيو هجي ته اجازت نه هئڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ضد ڇڏي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، مان اڄ به ڳالهه ٻولهه جي حق ۾ آهيان،غزا ۾ فوج موڪلڻ بابت سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن پاڪ فوج اتي وڃي ٿي ته اها فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ ويندي۔
-
وائيٽ هائوس سان لاڳاپن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي؟
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي آءِ ايس ايف ۾ شامل ٿيڻ جي ممڪن معاملي تي سياسي ۽ دفاعي حلقن ۾ بحث ٿي رهيو آهي. تجزئي نگارن موجب آمريڪا پاڪستان تي انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي رهيو آهي، پر آخري فيصلو شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ ئي ڪيو ويندو. بحث ۾ چيو ويو ته وائيٽ هائوس سان لاڳاپن جي هڪ قيمت آهي ۽ پاڪستان کي به ان حوالي سان فيصلا ڪرڻا پوندا. تجزئي نگارن مزمل سهروردي ۽ سلمان جاويد موجب، ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي دٻاءُ جي صورت ۾ پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ترڪي ۽ ٻيا مسلمان ملڪ پاڻ کي فورس کان الڳ رکي رهيا آهن. تجزئي نگارن واضح ڪيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته ان جو ڪردار صرف امن برقرار رکڻ تائين محدود هوندو، ۽ ڪنهن به هٿياربند گروپ کي غير مسلح ڪرڻ ان جي ذميواري ناهي. ٽرمپ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي وچ ۾ امڪاني ملاقات کي هن معاملي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.