ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير بار ايسوسيئيشن جي سال 2026 جون چونڊون ٿيون، چونڊن ۾ صدر جي عهدي تي ايڊوڪيٽ ارشاد شر 530 ووٽ ۽ جنرل سيڪريٽري تي ايڊوڪيٽ فيض سمون 491 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا، وڪيلن پاران جشن ملهايو ويو، ملير بار جون ساليانيون چونڊون اليڪشن رٽرننگ آفيسر فهيم ضياء ۽ ڪمشنر ارشد لانگاھ جي نگراني ۾ صبح 9 کان بغير ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيون، 1255 وڪيل ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا جنهن ۾ ايڊوڪيٽ ارشاد شر 530 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جنرل سيڪريٽري تي فيض سمون 491 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ڪامياب اميدوارن جي حمايتي وڪيلن طرفان جشن ملهايو ويو.