حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي 17 جنوري تي سن ۾ جلسو ڪري سائين جي ايم سيد جي گڏيل طور سالگره ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سربراهي اجلاس حيدرآباد ۾ چولياڻي هائوس تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ رهبر ڪميٽي جي سربراھ رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪجي اڳواڻ راول ڪرناڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ کي سنڌي قوم جي تاريخي گهرجن مطابق يادگار ڪري ملهايو ويندو. سن ۾ سياسي جلسو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو آهي ته 73هين آئين کي قومن جو قاتل آئين سمجهون ٿا. تنهن هوندي به ان ئي آئين ۾ ڪا به اهڙي ترميم ۽ تبديلي قبول ناهي، جنهن سبب سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ پيداواري وسيلن تي اثر پوندو هجي. سنڌ اسيمبلي ۾ بهارين بابت جيڪا قرارداد پاس ڪئي وئي آهي. ان مان محسوس ٿئي ٿو ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي، جنهن عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اجلاس ۾ چيو پيو ته حڪمرانن پاران سنڌي قوم مٿان هٿرادو طور مڙهيل بک، بيماريون، ڌاڙيل راڄ، منشيات گردي. لاقانونيت ۽ ناانصافيءَ تي بيٺل خوفائتو نظام قبول ناهي. رھبر ڪميٽي مطالبو ٿي ڪري ته فوري طور سنڌ جا وسيلا سنڌ حوالي ڪيا وڃن. بنيادي انساني حقن جي لتاڙ بند ڪئي وڃي. گهڻن صوبن ۽ ميونسپل اختيارين جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. اجلاس ۾ پنهل ساريو، غفار ميرجت، انور بڙدي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، الاهي بخش چاچڙ، پنهل جمالي، فيصل وڳڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.