کير ٿر نيشنل پارڪ ڪيس، عدالت طرفان سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ ۽ ريتي ۽ بجري ڪڍڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جي حڪمن جي باوجود، سرڪاري ادارن جواب جمع نه ڪرايو، عدالت سنڌ حڪومت جي وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس عدنان چوڌري چيو ته سيڪريٽري ڪير آهي جهنگلي جيوت کاتي تحريري جواب جمع نه ڪرايو، عدالت جهنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت نوادرات ۽ آثار قديمه کاتي کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ريتي ۽ بجري ڪڍڻ تي پابندي ۾ پڻ واڌ ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.