حڪومت ڪنهن جي آهي، عمران خان گرفتار ڇو آهي؟ \فضل الرحمان

چڪوال (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي جعلي مينڊيٽ رکندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته اصل سوال اهو آهي ته حڪومت ڪنهن جي آهي ۽ اصل فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي، اسان سڀ انهن ئي فيصلن تحت زندگي گذاري رهيا آهيون.  هن چيو ته سوال ڪريان ٿو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني گرفتار ڇو آهي؟ چڪوال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جعلي مينڊيٽ جي باوجود حڪومت رڳو ن ليگ جي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي رڳو سهارو بڻيل آهي، يعنيٰ هي جعلي اڪثريت جي نه پر جعلي اقليت جي حڪومت آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن آئين خلاف قانون سازي ڪئي وڃي ته ان جو مطلب آئين سان مغاوت هوندو، جنهن کانپوءِ ان جو مينڊيٽ پاڻمرادو ختم ٿي وڃي ٿو، ان لاءِ اسان گڏيل مشاورت سان گڏيل موقف سامهون آڻڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جيستائين 28هين ترميم ۽ نون صوبن جو واسطو آهي، ته اصولي ڳالهه ٻي آهي ۽ عملي حقيقت ڪا ٻي آهي. هن چيو ته اوهان فاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪيو، اسان دليلن سان مخالفت ڪئي، ان جي نقصانن کان آگاهه ڪيو پر اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي گهڻي عقل واري سمجهندي رهي، اڄ ساڳيا ماڻهو چئي رهيا آهن ته اهو فيصلو غلط هو ۽ هاڻي ٻين صوبن کي به ورهائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا ان لاءِ زميني حالتون سازگار آهن؟ يا سڀاڻي واري اسان روئينداسين ته اسان ملڪ کي نقصان پهچايو؟ هي ڳالهه ته ڪري وٺن ٿا پر طاقت جي زور تي فيصلا لاڳو به ڪن ٿا. فاٽا جو انضمام به طاقت جي زور تي ڪيو ويو ۽ اڄ اتي هٿياربند گروپ علائقي تي قبضو ڪري ويٺا آهن ۽ رياست جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته دعويٰ سان چوان ٿو ته 75، 78 سالن ۾ نه پاڪستان جي افغان پاليسي درست رهي نه ئي دهشتگردي خلاف پاليسي ڪا هاڪاري نتيجو ڏئي سگهي آهي. هن چيو ته فيصلا سياستدانن کي ڪرڻا هوندا آهن، طاقت ته انهن فيصلن کانپوءِ استعمال ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته پراسيڪيوشن ۽ ٻين ادارن جي خرابين تي به اجتماعي راءِ قائم ٿيڻ گهرجي ۽ 22 تاريخ تي علما ڪانفرنس ۾ ان تي واضح موقف سامهون اچي ويندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقاتن جي اجازت نه ڏيڻ به هڪ جمهوري ملڪ ۾ افسوسناڪ آهي، سياستدانن جي گرفتاري جي حق ۾ نه آهيان. هن چيو ته آرمي چيف نئين اسٽيٽس سان جيڪا پنهنجي مستقبل جي شروعات ڪري رهيو آهي ته هن عالمن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو آهي، اهو سٺو خيال ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.