سکر (رپورٽ:اظھر علي دايو)صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سکر پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت ڪڏهن به اهڙي ڪنهن آئيني ترميم جي حمايت نه ڪندي، جيڪا پاڪستان، وفاق يا صوبي سنڌ جي مفادن جي خلاف هجي، هن واضح ڪيو ته ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي ورهاست يا اختيارن ۾ گهٽتائي جي ڪنهن به ڪوشش کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ آخري ڀيرو 2010ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت ۾ ڏنو ويو هو، جنهن کان پوءِ ايندڙ حڪومتون نئون ۽ منصفاڻو اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيون. اٺارهين ترميم تي به مڪمل عملدرآمد اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي شروعات کان ئي ان تي اثرائتي عملدرآمد جو مطالبو ڪندي اچي رهي آهي. اسان صرف سڌارن ۽ بهتري جا حامي آهيون، نه ته صوبن جا حق کسڻ جا. ته پاڪستان سڀ کان اول آهي، ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر صوبن جي حقن، اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.