ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ 27 هين آئيني ترميم خلاف ٻن درخواستن جي ٻڌڻي ٿي .وفاقي حڪومت جي وڪيل لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهرائي ورتو، سرڪاري وڪيل چيو ته 27هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت جي جواب جو انتظار آهي، درخواستگذار جي وڪيل ابراهيم سيف الدين چيو ته اهم ڪيس کي مختصر تاريخ ڏيڻي آهي، جسٽس عدنان اقبال چوڌري پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽيڪس ۽ ٻيا اهم ڪيس التوا ۾ آهن، جلد تاريخ نه ٿي ڏئي سگهجي، عدالت ٻڌڻي 25 فيبروري 2026 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، ڪامران قريشي جي بريت جي درخواست رد
ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل جي مرڪزي جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران قريشي خلاف ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، ڪامران قريشي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، عدالت جوابدار ڪامران قريشي جي بريت جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڪامران قريشي جي ٻن ڪيسن ۾ بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آرمز ايڪٽ ۽ منشيات جي ڪيسن ۾ جوابدارجي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، وڪيل صفائي چيو ته ڪامران قريشي خلاف الزام بي بنياد آهن، پراسيڪيوشن وٽ ڪامران قريشي خلاف ڪو به مضبوط ثبوت ناهي، ڪامران قريشي کي ڪيسن مان بري ڪيو وڃي، عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
-
لاهور ۾ فراڊ ذريعي عورت سان زيادتي ڪندڙ نائجيرين شهري گرفتار
لاهور (بيورو) فراڊ ذريعي عورت کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ نائجيرين شهري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، رپورٽ موجب پوليس ٻڌايو آهي ته جوابدار ايڪيني وڪٽر ستوڪتله جي علائقي ۾ عورت سان زيادتي ڪئي، پوليس موجب، جنهن عورت سان زيادتي ٿي، اها به نائجيريا جي رهواسڻ آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت کي دوکي سان سڏايو ۽ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.