مائونٽ مينگنوئي (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا اوپنر ڊيون ڪانوي ۽ ٽام ليٿم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جو آخري ميچ مائونٽ مينگنوئي جي بي اوول گرائونڊ تي جاري آهي.
ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اوپنرز ڊيون ڪانوي ۽ ٽام ليٿم شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري نئين تاريخ لکڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي نيوزيلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهي ورتيون.
ڊيون ڪانوي ناٽ آئوٽ 178 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته سندس اوپننگ پارٽنر ۽ ڪپتان ٽام ليٿم 137 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان اننگز دوران ڪانوي ۽ ليٿم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي اوپننگ ڀائيواري جو رڪارڊ قائم ڪيو،، ٻنهي وچ ۾ پهرين وڪيٽ تي 323 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، جيڪا ڊبليو ٽي سي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اوپننگ ڀائيواري آهي.
ان شاندار ڪارنامي سان هنن ڀارتي اوپنرن روهت شرما ۽ ميانڪ اگروال جو 2019ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين وڪيٽ لاءِ قائم ڪيل 317 رنسن جي ڀائيواري وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
You might also like