ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪاره نڌي اگروال هڪ فلمي تقريب دوران ڀوائتي صورتحال جو شڪار ٿي وئي، بي قابو هجوم کيس چئني پاسن کان گهيري ورتو.
اهو واقعو سندس ايندڙ فلم ”دي راجا صاحب“ جي گيت ’’ساھنا ساھنا‘‘ جي لانچ تقريب دوران پيش آيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي نااهلي تي سخت سوال اڀرڻ لڳا آهن.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيئن ئي نڌي اگروال تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري ٿي، مردن جو هجوم سندس چوڌاري گڏ ٿي وڃي ٿو، شديد دٻاءُ ۽ بدنظمي سبب اداڪارا کي وڏي مشڪل سان پنهنجي گاڏي تائين پهچايو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي عملو صورتحال سنڀالڻ ۾ناڪام رهيو.
وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ ۽ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي آهي، واهپيدار سوال ڪيو ته فلمي تقريبن ۾ عورتن فنڪارن جي حفاظت لاءِ جوڳا انتظام ڇو ناهن ڪيا ويندا.
واضح رهي ته نڌي اگروال پنهنجي فلمي سفر جي شروعات فلم ” منا مائيڪل “ کان ڪئي، ان کانپوءِ تيلگو ۽ تمل سئنما جو رخ ڪيو.
هوءَ تمام جلد هارر ڪاميڊي فلم”دي راجا صاحب“ ۾ نظر ايندي، جنهن ۾ پرڀاس، سنجي دت ۽ مالاويڪا موهنن به شامل آهي، فلم 9 جنوري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
You might also like