انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز ۽ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان انڊر 19 ٽيم ۾ رڳو هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، محمد حذيفه جي جاءِ تي عمر زيب کي شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيم جي قيادت فرحان يوسف کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته عثمان خان کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ٻين رانديگرن ۾ عبدالسبحان، احمد حسين، علي حسن بلوچ، علي رضا، دانيال علي خان ۽ عمر زيب شامل آهن.
ان کانسواءِ حمزا ظهور، حذيفه احسن، مومن قمر، محمد صيام، محمد شايان، نقاب شفيق ۽ سمير منهاس پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته ٽه ملڪي سيريز زمبابوي ۾ 25 ڊسمبر کان 6 جنوري تائين کيڏي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ميزبان زمبابوي ٽيمون شامل آهن، پاڪستان انڊر 19 ٽيم ٽه ملڪي سيريز ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ميچون کيڏندي.
آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ 15 جنوري کان 6 فيبروري تائين نميبيا ۽ زمبابوي ۾ ٿيندو، ٻئي ٽورنامينٽ ون ڊي فارميٽ تحت کيڏيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.