ٽرمپ انتظاميا طرفان افغان اسپيشل اميگرنٽ ويزا معطل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽرمپ انتظاميا افغان اسپيشل اميگرنٽ ويزا معطل ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميا افغان شهري جي نيشنل گارڊ اهلڪارن تي فائرنگ کانپوءِ پابنديون سخت ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسپيشل اميگرنٽ ويزا هولڊرز جو حفاظتي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، افغانستان انهن 12 ملڪن ۾ شامل آهي جن تي جون ۾ مڪمل سفري پابندي لڳائي وئي هئي ۽ افغانستان سميت انهن 12 ملڪن تي اسپيشل اميگرنٽ ويزا تي به نيون پابنديون مڙهيون ويون آهن.
رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان اهو قدم اسڪريننگ، ويٽنگ ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا ۾ ناڪام رهندڙ ملڪن خلاف کنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.