2025 ۾ افغانستان مان پاڪستان تي 600 حملا ٿيا، سلامتي ڪائونسل افغان طالبان جون دعوائون رد ڪري ڇڏيون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ دهشتگرد گروهن طرفان افغان سرزمين کي سرحد پار حملا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ واري افغان طالبان جي دعويٰ رد ڪئي وئي آهي.
سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي مددگار ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم جي 16 هين رپورٽ ۾ ان دعويٰ کي” غير معتبر“ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته علائقي جا ملڪ افغانستان کي وڌندڙ علائقائي عدم استحڪام جو ڳڙهه سمجهڻ لڳا آهن ۽ ڪيئي ميمبر ملڪن آگاهه ڪيو آهي ته داعش خراسان، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، القاعده، ترڪستان اسلامي پارٽي، انصار الله ۽ ٻيا دهشتگرد گروهه افغانستان ۾ سرگرم آهن ۽ ڪجهه پرڏيهي حملن جي رٿابندي به ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، القاعده جا طالبان سان ويجها رابطا آهن، جڏهن ته داعش خراسان طالبان جو اهم مخالف گروهه سمجهيو وڃي ٿو.
رپورٽ ۾ سڀ کان وڏو علائقائي خطرو ٽي ٽي پي قرار ڏنو ويو آهي، جيڪا افغانستان مان ڪارروائيون ڪري رهي آهي.
رپورٽ موجب طالبان قيادت ۾ ان معاملي تي اختلاف آهي، ڪجهه سينيئر ميمبر ٽي ٽي پي کي پاڪستان سان لاڳاپن لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه اڃا به ان جي حمايت ڪن ٿا.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽي پي 2025 ۾ پاڪستان ۾ 600 حملا ڪيا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي آپهگاتي بمبار افغان شهري هئا.
رپورٽ موجب، پاڪستان به دهشتگردي جي خاتمي واري شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جن ۾ داعش خراسان جي ترجمان سلطان عزيز اعظم ۽ ٻين اهم شدت پسندن جي گرفتاري شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.