اسلام آباد: پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي ڪارروائي، پاڻ کي آمريڪي ڄاڻائيندڙ افغان شهري سوگهو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ پاڻ کي آمريڪي سفارتخاني جو اهلڪار ڄاڻائيندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، جوابدار افغان شهري آهي، جيڪو مختلف فراڊ ڪيسز ۾ گهربل هو، جڏهن ته هو گاڏي ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ داخل ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتخاني افغان شهري بابت شڪايت ڪئي هئي، پوليس انٽيليجنس ايجنسين جي مدد سان ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو.
ذريعن موجب، افغان شهري کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.