سون جي قيمتن کي پر لڳي ويا، سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾اڄ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 22 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 55 هزار 762 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1800 رپيا واڌ سان 3 لک 90 هزار 742 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 22 دالر اضافي سان 4334 ڊالرز آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.