اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري کي تڪراري ڊگري ڪيس ۾ جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
تڪراري ڊگري ڪيس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بئنچ ٻڌي ڪئي.
ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊگري بابت اوريجنل رڪارڊ پيش ڪيو، جڏهن ته جسٽس طارق جهانگيري عدالت آڏو پيش نه ٿيو.
جسٽس طارق جهانگيري جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين چيو ته عدالت وٽ جسٽس طارق جهانگيري جون ٽي درخواستون موجود آهن، پهرين انهن کي ٻڌو وڃي.
ميان دائود ايڊووڪيٽ چيو ته هو به قسم کڻي چئي ٿو ته جسٽس طارق جهانگيري جا انرولمينٽ فارم به بوگس هئا، جيڪڏهن هو سچو آهي ته ايل ايل بي پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جون مارڪس شيٽس پيش ڪري.
واضح رهي ته جسٽس طارق جهانگيري مبينا جعلي ڊگري بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي.
جسٽس طارق جهانگيري طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 9 ڊسمبر واري ٻه رڪني بئنچ خلاف آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي.
جسٽس طارق جهانگيري درخواست ۾ استدعا ڪئي هئي ته سندس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل رِٽ کي خارج ڪئي وڃي.
ٻئي پاسي تڪراي ڊگري ڪيس ۾ جسٽس طارق جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن.
جسٽس جهانگيري طرفان اڪرم شيخ ۽ بئريسٽر صلاح الدين درخواست داخل ڪئي، جسٽس جهانگيري چيف جسٽس سرفراز ڊوگر کي بئنچ کان ڌار ٿيڻ جي استدعا ڪئي آهي.
You might also like