واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بائيڊن دور جون پاليسيون ٻيهر لاڳو ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ آمريڪا ۾ غير قانوني اچ وڃ مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي.
صدر ٽرمپ چيو ته غير قانوني پناهگيرن کي ڪنهن به صورت آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عوامي مينڊيٽ مليو ۽ هڪ سال اندر اهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون جيڪو ڪو ٻيو حاصل نه ڪري سگهيو.
آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته هن جي دور ۾ آمريڪا بدترين حالتن مان نڪرڻ کانپوءِ بهترين پوزيشن تي پهتو، آمريڪي شهرين جي پگهارن ۾ واڌ ٿي، کاڌي پيتي ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ تيزي لاٿ اچي رهي آهي.
هن چيو ته مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي ۽ آمريڪا وٽ دنيا جي سڀ کان سگهاري فوج آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ موجب، منشيات جي سمگلنگ کي زميني ۽ سامونڊي رستن کان 94 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي.
هن چيو ته ڪيئي وڏا قدم ٽيرف پاليسي جي ذريعي ممڪن ٿيا، جنهن سان ملڪي معيشت بهتر بڻائي وئي ۽ آمريڪا ۾ هزارين ڊالرز جي سيڙپڪاري لاءِ موقعا پيدا ٿيا.
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هن 10 مهينن دوران 8 جنگون روڪرايون، ايران جي جوهري خطري کي تباهه ڪيو ۽ غزا جي جنگ کي ختم ڪرائي 3 هزار سالن ۾ پهريون ڀيرو امن قائم ڪيو.
هن چيو ته زنده يا مارجي ويل يرغمالين جي آزادي کي يقيني بڻايو ويو ۽ سڀني کي وطن واپس آندو ويو.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي نئين قانونسازي نه پر هڪ مضبوط ۽ فيصلا ڪندڙ صدر جي ضرورت هئي، جنهن کي هن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
آمريڪا ۾ مهانگائي گهٽائي، پگهارون وڌايون، دنيا ۾ امن قائم ڪيو: ٽرمپ جو قوم کي خطاب
You might also like