ڪراچي(رپورٽر) بلدياتي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ بلدياتي قانونن ۾ سڌارن بابت اربع ڏينهن پهريون اعليٰ سطحي ڪميٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، اسيمبلي ميمبرن سميتا افضل، قاسم سومرو، جميل سومرو، قاسم نويد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته نئين بلدياتي قانونن جي تياري لاءِ سڀنيسياسي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ انهن کان تجويزون پڻ ورتيون وينديون. ٽن مهينن جي عرصي اندر سڀني تجويزن کي گڏ ڪري حتمي سفارشون تيار ڪيون وينديون. اجلاس دوران يونين ڪائونسلن جي ڊپٽي ميئرز ۽ ٽائونن جي وائيس چيئرمينن جي اختيارن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. هن اجلاس کي ٻڌايو ته وزيرن جي کليل ڪچهري دوران يونين ڪائونسلن جي فنڊن ۽ چيڪ اينڊ بيلنس بابت شڪايتون ملي رهيون آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت مطابق عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ضروري آهي، ۽ ڊپٽي ميئرز ۽ وائيس چيئرمينن کي اختيار ڏئي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته جنهن علائقي جي اسڪيم هوندي، اها ان علائقي جي چيئرمين کي ڏني ويندي، جڏهن ته ضلعي سطح جون اسڪيمون ضلعي چيئرمين کي ڏنيون وينديون. هر يونين ڪائونسل جي اسڪيم گهٽ ۾ گهٽ پنج ملين رپين جي هجڻ گهرجي.