ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان چيو آهي ته حملي آور سان جھڙپ دوران ڪجهه دير لاءِ هن جي پير ۾ احساس ختم ٿي ويو هو ۽ سڄي عمر بستر ي تي گذارڻ يا معذوري وارو خيال ڏاڍو ڀوائتو آهي.
سيف علي خان هڪ انٽرويو ۾ ان خوفناڪ تجربي بابت ٻڌايو ته ”مان ڏاڍو خوش قسمت آهيان جو اهڙي حملي ۾ بچي ويس، منهنجي ڪرنگهي جي هڏي ۾ ننڍڙو زخم آيو، جيڪو فالج جو سبب بڻجي سگهي پيو، ڇو ته ڪجهه وقت لاءِ منهنجي پير مان ساهه ڇڏائجي ويو هو.“
اداڪار چيو ته سڄي عمر بستري تي گذارڻ يا معذوري جو تصور خوفناڪ آهي ۽ هاڻي تائين ڊپ ٿئي ٿو، مان صحتياب ٿيڻ تي شڪرگذار آهيان.
سيف علي وڌيڪ چيو ته ”مان هميشه زندگي کي هڪ نعمت سمجهيو آهي ۽ هن تجربي هن احساس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، مان اڪثر اهڙين خطرناڪ حالتن جي ويجهو رهيو آهيان ۽ هي واقعو انهن مان هڪ هو.“
You might also like