نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هو هڪ عورت ڊاڪٽر جو حجاب لاهيندي نظر اچي ٿو.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي بالي ووڊ اداڪارا زائرا وسيم نتيش ڪمار تي سخت تنقيد ڪئي ۽ متاثر عورت کان غير مشروط معافي جو مطالبو ڪيو آهي.
اداڪارا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ”هڪ عورت جي عزت ۽ حيا کي مذاق نه بڻائڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”طاقت اِها اجازت نٿي ڏئي ته توهان سڀ ڪجهه لتاڙي ڇڏيو، نتيش ڪمار کي متاثر عورت کان غير مشروط معافي وٺڻ گهرجي.“
زائرا جي پوسٽ تي ماڻهن وڏي انگ ۾ ساڻس اتفاق ڪيو ۽ ان حرڪت کي عورتن جي ذاتي آزادي ۽ عزت جي خلاف قرار ڏنو، جڏهن ته ان واقعي تي سياسي ڌرين طرفان پڻ بيچيني ظاهر ڪئي پئي وڃي.
” عورت جي عزت ۽ حيا کي مذاق نه بڻايو“، زائرا وسيم جي بهار جي وڏي وزير تي ڇتي تنقيد، معافي جو مطالبو
You might also like