ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ايشز سيريز جي ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، پليئنگ اليون ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ڪپتان پيٽ ڪمنز پليئنگ اليون ۾ واپس اچي ويو آهي، ان کانسواءِ نيٿن ليون به ٽيم ۾ شامل آهي.
پيٽ ڪمنز چيلهه جي تڪليف سبب ايشز سيريز جي پهرين ۽ ٻي ٽيسٽ ميچ نه کيڏي سگهيو هو، سندس جاءِ تي سينيئر بيٽر اسٽيو سمٿ ٽيم جي قيادت ڪئي هئي.
ان کانسواءِ مائيڪل نيسر ۽ برينڊن ڊوگٽ پليئنگ اليون ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا ۽ عثمان خواجا کي هڪ ڀيرو وري نظر انداز ڪيو ويو آهي.
ڪينگروز اوپنر عثمان خواجا پهرين ٽيسٽ ۾ چيلهه جي تڪليف جو شڪار ٿيو هو، جڏهن ته هاڻي هو مڪمل طور صحتياب ٿي چڪو آهي.
واضح رهي ته ايشز سيريز جي ٽئين ٽيسٽ سڀاڻي کان ايڊيليڊ ۾ شروع ٿيندي، پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 0-2 جي سرسي حاصل آهي.
Next Post
You might also like