سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 50 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 429 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 86 هزار 541 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ سون جو اگهه 40 ڊالر گهٽجڻ سان 4285 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.