ڪراچي ايئرپورٽ تي ورهين کان بيٺل جهاز ڪٻاڙ بڻجي ويا، ٺڪاڻي لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ انتظاميا ڪيترن ئي سالن کان بيٺل ناڪارا جهازن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي مختلف ايئرلائنز جا بيٺل جهاز ڪٻاڙ بڻجي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي بيٺل 25 کان وڌيڪ جهازن ۾ پکين آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن، اڪثر ناڪارا جهاز قانوني مسئلن ۽ ڪيسن سبب ناهن هٽايا ويا.
ذريعن موجب ايئرپورٽ اٿارٽي مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايئرپورٽ جنڪ يارڊ ۾ بيٺل سڀ کان وڌيڪ 20 جهاز بند ٿيندڙ نجي ايئر لائن جا آهن، جڏهن ته قومي ايئر لائن جي 7 ناڪارا جهازن کي به ٺڪاڻي لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڪارا جهازن ۾ ڪيترائي ڀيرا باهه لڳڻ جا واقعا به پيش آيا آهن، ان کانسواءِ ڊگهي عرصي کان گرائونڊ جهازن مان پرزا چوري ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.