ڪيئي واهپيدار چيٽ جي پي ٽي رڳو سرچ انجڻ وانگر استعمال ڪن ٿا، يعني صارف پنهنجو سوال لکندو آهي، جواب حاصل ڪندو آهي ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويندو آهي.
پر چيٽ جي پي ٽي ان وقت بهتر ڪم ڪري ٿو جڏهن توهان ڪجهه ٽرڪس استعمال ڪريو، جيڪي اي آءِ چيٽ بوٽ جي جواب جو معيار مڪمل طور تي بهتر ڪري سگهن ٿا.
اِهي ٽرڪون ڏکيون ناهن جن لاءِ ڪوڊنگ جي مهارت حاصل هئڻ گهرجي، رڳو پنهنجي سوالن ۾ ساديون شيون شامل ڪري توهان چيٽ جي پي ٽي کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائي سگهو ٿا.
پوءِ اچو ته ٽرڪن بابت ڄاڻيو جنهن ذريعي توهان چيٽ جِي پِي ٽِي کي مڪمل طور بدلائي سگهو ٿا.
پروموٽ ۾ ”ٿنڪ هارڊ ابائوٽ دِس جو واڌارو ڪريو
چيٽ جي پي ٽي جي پس منظر ۾ ڪيترائي ماڊلز متحرڪ هوندا آهن،۽ ضروري ناهي ته سڀ کان طاقتور ماڊل توهان جي سوال لاءِ استعمال ٿئي.
پر جڏهن توهان پنهنجي پروموٽ جي آخر ۾ ”think hard about this“ يا ”think deeply about this“ شامل ڪندئو ته سسٽم ان وقت دستياب سڀ کان ايڊوانسڊ ماڊل کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
جيڪڏهن جواب ۾ Thought for Xs لکيل نظر اچي ته ان جو مطلب آهي ته سسٽم ڪوئيڪ بدران ٿنڪنگ ماڊل استعمال ڪري رهيو آهي.
چيٽ بوٽ کي ٻڌايو ته جواب ڪيترو ڊگهو هئڻ گهرجي
چيٽ جي پي ٽي عام طور تي ڊگها جواب ڏئي ٿو، پر توهان آخر ۾ ”Keep this under 200 words“ شامل ڪري جواب کي مخصوص لفظن ۾ محدود ڪري سگهو ٿا، اهو طريقو اي ميلز يا ٻئي لکت واري مواد لاءِ تمام ڪارائتو آهي.
پروموٽ کي واضح ۽ منظم ڪريو
ڏکئي موضوع لاءِ سڀ ڪجهه هڪ ئي ڊگهي پيغام ۾ نه پڇو، ان لاءِ پنهنجي پروموٽ کي مختلف حصن کي سرخي يا بلٽ پوائنٽس سان ورهايو
مثال طور سوال جي پس منظر يا تناظر بيان ڪريو
لاڳاپيل ڄاڻ پس منظر شامل ڪريو
واضح طور تي ٽاسڪ يا مقصد بيان ڪريو
آخر ۾ جواب جي مخصوص ضرورتن (Requirements) جي وضاحت ڪريو
اهڙي طريقي سان چيٽ جي پي ٽي کي توهان جو سوال بهتر نموني سمجهه ۾ ايندو ۽ چيٽ بوٽ درست، واضح ۽ لاڳاپيل جواب فراهم ڪندو.