سنڌ ڪابينا ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن ۽ فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا طرفان ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، وزيراعليٰ جي ترجمان موجب اجلاس ۾ مڪاني کاتن واري وزير ناصر حسين شاهه سفارشون پيش ڪيون، جيڪي منظور ڪيون ويون.
اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ بسون خريد ڪرڻ جي مد ۾ 964.407 ملين رپين جي منظوري ڏني، ان کان سواءِ عوامي آگاهي لاءِ دستاويزي فلمون ٺاهڻ لاءِ هڪ ارب رپيا مختص ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.
ڪابينا راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف رٿائن جي منظوري ڏني، جن ۾ اسڪواش چيمپيئن شپ ايسوسيئيشن گولڊ ڪپ لاءِ 56 ملين رپيا ۽ ويٽرن ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 50 ملين رپيا شامل آهن.
تعليمي ۽ سماجي شعبي ۾ اسلام ڪوٽ واري علائقي پريم نگر ۾ خاص يتيم خانو (ايس او ايس) قائم ڪرڻ لاءِ 329 ملين رپيا، گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج خانپور، ضلعو شڪارپور لاءِ 187.8 ملين رپين جي ايس اين اي، جڏهن ته ايس ايم بي فاطمه جناح گرلز سيڪنڊري اسڪول صدر لاءِ 94.7 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا ملير ۾ پاڻي فراهمي واري رٿا لاءِ 103.9 ملين رپيا ۽ ڪورنگي ڪازوي کان قبرستان ۽ پارڪ تائين ريمپ تعمير ڪرڻ لاءِ 349.2 ملين رپين جي به منظوري ڏني.
ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڏهين آدم ڪانفرنس ۽ ادب فيسٽيول لاءِ 7.5 ملين رپيا، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي انعقاد لاءِ 200 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ اسلام ڪوٽ کان ڇور ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائن وڇائڻ واري رٿا تي به غور ڪيو ويو.
وڏي وزير چيو ته اها سنڌ حڪومت ۽ وفاقي ريلوي وزارت جي گڏيل رٿا آهي، جنهن تحت اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ڊبل ٽريڪ ريلوي لائين تعمير ڪئي ويندي، هن رٿا وسيلي ٿر جو ڪوئلو ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن تائين منتقل ڪيو ويندو.
ريلوي رٿا جي ڪل لاڳت 90 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ريلوي وزارت پنجاهه – پنجاهه سيڪڙو حصو ڏينديون.
سنڌ ڪابينا ان رٿا لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.