پاڪستان سپر ليگ 11 جي ميچن جا تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ايندڙ ايڊيشن جي ميچن جا تفصيل سامهون اچي ويا.
پاڪستان سپر ليگ جو ايندڙ ايڊيشن 26 مارچ کان 3 مئي 2026ع تائين جاري رهندو، ميگا ايونٽ ۾ هن ڀيري 6 بدران 8ٽيمون ايڪشن ۾ هونديون، هر ٽيم گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ميچون کيڏيندي.
ٽورنامينٽ ۾ جڏهن 6 ٽيمون کيڏنديون هيون، تڏهن به فرنچائز کي گهٽ ۾ گهٽ 10 ميچون کيڏڻ موقعو ملندو هو.
پاڪستان سپر ليگ جي انتظاميا وٽ ميچن جي حوالي سان 2 آپشنز هئا، جيڪڏهن هو ڊبل ليگ جي بنياد تي ايونٽ ڪرائين ها ته 60 ميچون ٿيڻيون هيون. پر 11 هين سيزن لاءِ 39 ڏينهن جي ونڊو ۾ ائين ممڪن ناهي.
انڪري ايونٽ جي فارميٽ موجب پهرئين مرحلي ۾ جيڪو سنگل ليگ جي بنياد تي ٿيندو، هر ٽيم هڪ هڪ ميچ کيڏندي.
ٻئي مرحلي ۾ 8 ٽيمون 4-4 جي ٻن گروپن ۾ ورهايون وينديون، جتي هر ٽيم کي ٽي ٽي ميچ کيڏڻ جو موقعو ملندو ۽ ان مرحلي ۾ 12 ميچون ٿينديون.
سپر فور مرحلي جون 2 ٽاپ ٽيمون پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جتي فائنل سميت چار ميچون کيڏيون وينديون.
پاڪستان سپر ليگ 2026 جون ميچون ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، ملتان ۽ پهريون ڀيرو اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.