مشهور آسٽريلوي اداڪارا ريڪل ڪارپاني ڊگهي عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 45 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو ته ٽوني ۽ گيل ڪارپاني طرفان اهو افسوسناڪ اعلان ڪيو وڃي ٿو ته اسان جي خوبصورتي ڌيءُ اداڪارا ريڪل ڪارپاني ڊگهو عرصي کان دائمي بيماري خلاف جدوجهد ڪندي لاڏاڻو ڪري وئي.
واضح رهي ته ريڪل اداڪاري سان گڏوگڏ سماجي ۽ سياسي معاملن تي به کليل نموني ڳالهائيندي هئي، هوءَ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي هئي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن سميت مختلف عالمي مسئلن تي آواز اٿاريندي هئي.
ريڪل ڪارپاني آسٽريلوي ٽيلي ويزن ۾ هڪ ڊگهو ۽ ڪامياب ڪيريئر ٺاهيو، جڏهن ته کيس ”اين سي آءِ ايس: لاس اينجلس“ ۾ پنهنجي ڪردار سبب شهرت ملي.
You might also like