ڪئمرون گرين آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين پرڏيهي ڪرڪيٽر بڻجي ويو

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان آل رائونڊر ڪئمرون گرين انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻجي ويو.
آءِ پي ايل سيزن 2026ع لاءِ ابوظهبي ۾ ٿيل نيلاميءَ واري تقريب ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ڪئمرون گرين کي خريد ڪري ورتو.
ڪئمرون گرين کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻائڻ لاءِ چنائي سپر ڪنگز ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، پر ڪولڪتا 25 ڪروڙ 20 لک ڀارتي رپين ۾ گرين کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻائي ورتو.
اهڙي ريت ڪئمرون گرين آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين پرڏيهي ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگي پرڏيهي رانديگر جو اعزاز آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ وٽ هو، جنهن کي 2024ع جي سيزن لاءِ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز 24 ڪروڙ 75 لک ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو هو.
ڪئمرون گرين آءِ پي ايل ۾ ان کان اڳ ممبئي انڊينز ۽ رائل چئلينجر بئنگلورو جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
ياد رهي ته آءِ پي ايل جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ترين رانديگر جو اعزاز ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت وٽ آهي، جنهن کي گذريل سال لکنئو سپر جائنٽس 27 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو هو.
آءِ پي ايل جو ايندڙ سيزن 26 مارچ کان 31 مئي تائين کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.