اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي اي پي ايس سانحي جو حقيقي انصاف هوندو.
آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي يارهين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ سڄي قوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جن وطن جي مستقبل لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
هن چيو ته اهو جيءُ جهوريندڙ سانحو سڄي قوم لاءِ هڪ آزمائش هو، جنهن دلين کي ڏک سان ڀري ڇڏيو پر حوصلي کي نه گهٽائي سگهيو، معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون، پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي سانحي جو حقيقي انصاف آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪَر کنيو آهي ته اهو اي پي ايس سانحي جي ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿو ته دهشتگردي خلاف جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي، اڄ اسان وچن ورجايون ٿا ته آخري دهشتگردي جي خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.
ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي اي پي ايس سانحي جو حقيقي انصاف هوندو: وزيراعظم
You might also like