سڊني(م ڊ) آسٽريليا جي شهر سڊني جي علائقي بونڊي بيچ ۾ فائرنگ جي خطرناڪ واقعي دوران حملي آور کان رائفل ڦرڻ وارو شهري احمد الاحمد اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جڏهن ته سندس بهادري تي سڄي دنيا مان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس لاءِ گڏ ڪيل چندو 11 لک آسٽريلوي ڊالر کان وڌي چڪو آهي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب، 43 سالن جو احمد الاحمد، جيڪو 2 ٻارن جو والد ۽ مسلمان آهي، سڊني جي بونڊي بيچ ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل فائرنگ واري واقعي دوران، پهرين پارڪ ڪيل گاڏين جي پٺيان لڪل رهيو، ان کان پوءِ هڪ هٿاربند حملي آور تي حملو ڪري، ان کان رائفل ڦري ۽ ان کي زمين تي ڪرايو. آسٽريليا جي وزيرِ اعظم انٿوني البانيز چيو ته احمد الاحمد جي جرات ڪيترن جانين کي بچايو. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ انسانيت جو سڀ کان بدترين ۽ بهترين چهرو ٻئي ڏسڻ ۾ آيو، احمد الاحمد پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي، خطري طرف دوڙيو. وزيرِ اعظم مطابق احمد الاحمد کي ٻئي حملا آور جي فائرنگ مان 2 گوليون لڳيون، جڏهن ته سندس گهر وارن موجب، کيس هٿ ۽ هٿ جي ٻانهن ۾ گوليون لڳيون.احمد الاحمد جي والد محمد فتح الاحمد ABC نيوز سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ان جو پٽ آسٽريليا جو شهري آهي ۽ سندس روزگار فروٽ ۽ سبزين جو وڪرو ڪرڻ آهي۔ ان مطابق احمد اڳ ۾ پوليس ۾ به نوڪري ڪئي آهي ۽ عوام جي حفاظت جو جذبو رکندو آهي۔