گهوٽڪي: مسافر بس مان اغوا ڪيل 19 مان 11 مسافر بازياب

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ گڊو – ڪشمور روڊ تي بس مان اغوا ڪيل 19 مان 11 مسافر بازياب ڪرايا ويا.
ڊي پي ايس اوٻاوڙو موجب مغوين کي مقابلي کانپوءِ بازياب ڪرايو ويو، وڌيڪ مغوين جي بازيابي لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
پوليس ۽ رينجرز طرفان ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي ۽ ڊرون جي مدد سان ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته سومر جي رات گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن 19 مسافرن کي اغوا ڪيو هو.
ان حوالي سان پوليس چيو هو ته ڌاڙيلن مريد شاخ ڀرسان گڊو – ڪمشور روڊ تي مسافر بس تي حملو ڪيو ۽ مسافرن کي اغوا ڪيو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب بس ۾ عورتن سميت 25 مسافر سوار هئا، ڌاڙيل عورتن کي ڇڏي 19 مردن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ڌاڙيلن فائرنگ به ڪئي، جنهن سبب بس جا شيشا ڀڄي ويا، مسافر بس صادق آباد کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.